شانِ اسلام (ڪتاب)

شانِ اسلام (ڪتاب)

شان اسلام ڪتاب

شانِ اسلام (ڪتاب): ديني معلومات تي مشتمل هي ڪتاب محمد بچل منصور، نصرپوريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اسلامي ارڪان ۽ ٻين مسئلن کي اختصار سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اسلام جا اهم پنج رڪن، توحيد تي قائم رهڻ، نماز، زڪوات، حج ۽ روزي بابت معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ارشادات نبوي پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ مولوي عبدالحق ربانيءَ لکيو آهي. 30 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي اداره خدمت اسلام نصرپور، ضلعي حيدرآباد، فبروري 1970ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 50 پئسا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو